پوليس جو ڪارنامو 6 سالن جو ٻار زنا ڪيس ۾ گرفتار

پيرجوڳوٺ (رپورٽر)پوليس عجيب ڪارنامو ڪندي 6 ورهين جي ٻارڙي نعمان عرف نومي جوڻيجو کي مبينا زيادتي جي ڪوشش جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ نينگر جي پيءُ غلام شبير جوڻيجو سخت احتجاج ڪندي چيو ته ٻارڙا پاڻ ۾ معمولي ڳالهه تان وڙهيا هئا پر 6 ورهين جي ٻار تي زيادتي جو الزام هڻي ناحق ڪيو آهي، ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پيرڳوٺ جي چادر بازار ۾ ٻارڙي راشده ملاح سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي جنهن جو الزام 6 ورهين جي نعمان عرف نومي جوڻيجو تي لڳايو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو