بنا ڪٽس ڪم ڪرڻ تي اسپتال عملي کي پوليس جي سلامي

عمرڪوٽ(لال حسين منڱريو)  سول اسپتال جي ڊاڪٽرن،  ۽ پيرا ميڊيڪل جي سموري اسٽاف کي پوليس دستي پاران ڪورونا وائرس جون ڪٽس نه هجڻ باوجود علاج ڪرڻ تي سلامي ڏني وئي. سول اسپتال جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران هنگامي صورتحال تي آئسوليشن وارڊ قائم ڪرڻ ۽ ڪرونا جهڙي خطرناڪ وائرس جي خاتمي لاء سمورا انتظام مڪمل ڪرڻ تي عمرڪوٽ پوليس پاران سلامي ڏني وئي. انهي موقعي تي سول اسپتال عمرڪوٽ جي ايم ايس ڊاڪٽر اعظم خان کوسو جو چوڻ هو ته ڪرونا جهڙي موذي مرض کي شڪست ڏيڻ لاء پاڪ آرمي، رينجرز، سنڌ پوليس جو اسان سان مڪمل تعاون آھي جلد انهي موذي مرض مان ڇوٽڪارو حاصل ٿيندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد حنيف آريسر، ڊاڪٽر محمد يعقوب بجير، ڊاڪٽر عبدالجبار درس، ڊسپينسر عمران خان راڄڙ، فتح مهر، ۽ ٻيا به موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو