ڪورونا سبب عدالتون بند نٿيون ڪري سگهجن، چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته عوام کي انصاف کان محروم نٿو ڪري سگهجي ۽ عدليه جهڙپ اهم ادارو ڪورونا سبب بند نٿو ڪري سگهجي. اهڙو اظهار هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ان وقت ڪيو جڏهن سپريم ڪورٽ بار جي صدر قلب حسن عدالت کي درخواست ڪئي ته ڪيسن جي ٻڌڻي معطل ڪريو. هن چيو ته اڪثر درخواست گذار ۽ سندن وڪيل ملڪ جي مختلف شهرن مان اچن ٿا ان ڪري عدالتي ڪاروائي محدود ڪريو. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته يورپ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال خراب آهي پر ڇا اتي عدالتون بند آهن؟. هن وڌيڪ چيو ته عدليه جهڙو اهم ادارو بند نٿو ڪري سگهجي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪورونا سبب حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، گيٽ تي مناسب چڪاس ڪئي پئي وڃي، عمارت ۾ هٿ ڌوئڻ لاءِ بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ سينيٽائيزر به رکيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو