صحافي سان ايس ايڇ او جي بدتميزي، ڪاروائي جو مطالبو

وڳڻ (ن س)لاڪ ڊائون جي ڪوريج ڪندڙ صحافي مٿان ايس ايڇ او وڳڻ ڏمرجي پيو سٽي پريس ڪلب وڳڻ جي صحافين صدر ساجد حسين بلوچ جي صدارت ۾ هنگامي گڏجاڻي گهرائي مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو. گڏجاڻي ۾ چيئرمين محمد بخش خاصخيلي ۔ جنرل سيڪريٽري يار محمد مغيري ۔ غلام مصطفي بروهي ۔ فهد حسين مغيري ۔ سهڻو خان ۔ نادر ممتاز ڀنڊ ۔ فتح محمد ڪلهوڙو ۔ منظور وڳڻ ۔ اشتياق احمد تنيو ۔ ذيشان اعجاز پنهور ۔ جي ايم وڳڻ ۔ عبدالجبار جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ وڳڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او منظور علي چانڊيو خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. هنن چيو ته سنڌ سرڪار پاران حڪم نامو جاري ڪيل آهي ته ميڊيا جا نمائندا لاڪ ڊائون جي ڪوريج ڪري سگهن ٿا پر ان باوجود ايس ايڇ او وڳڻ لاڪ ڊائون جي ڪوريج ڪندڙ سينيئر صحافي غلام مصطفي بروهي مٿان ڏمرجي پيو ۽ ڪوريج کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اعتراض جوڳو توهين آميز رويو اختيار ڪيو جنهن جي مذمت ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾  ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر کان نوٽيس وٺي ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو