همايون سعيد ۽ عدنان صديقي جا ڪورونا ٽيسٽ منفي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي شوبز جي دنيا جي استارز همايون سعيد ۽ عدنان صديقي جيڪي تازو آمريڪا مان موٽيا هئا انهن ڪورونا وائرس سبب پاڻ کي 14 ڏينهن لاءِ تنهائي ۾ رکڻ جو اعلان ڪيو هو. هنن پنهنجي ٽيسٽ ڪرائي ته اها منفي آئي آهي پر ان جي باوجود هو چون ٿا ته هوٽل ۾ 14 ڏينهن رهڻ بعد گهر ويندا. همايون سعيد ٽوئيٽ ذريعي ٽيسٽ جو نتيجو شيئر ڪيو آهي.

پاڪستان ۾ ڊرامن جي سپر هٽ اداڪارن جو چوڻ آهي ته خدا جو شڪر آهي ته کين وائرس ناهي پر هو چاهن ٿا ته حفاظتي اپاءُ وٺن.

پهنجو تبصرو موڪليو