چيف جسٽس پاران نيب تي ججن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو الزام

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس اطهر من الله نيب تي هاءِ ڪورٽ جي ججن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. جي يو آءِ جي اڪرم دراني جي عبوري ضمانت بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب بند لفافي ۾ هڪ رپورٽ پيش ڪئي ۽ چيو ته هن کي ڳجهو رکيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جڏهن اها رپورٽ پڙهي ته ڪاوڙ جو اظاهر ڪندي چيو ته هن ۾ ڪهڙي ڳالهه ڳجهي رکڻ جي آهي. ججن ۽ عدالتي اسٽاف کي غير قانوني گهر الاٽ ٿيڻ جي نيب دعويٰ ڪري عدليه کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي. ياد رهي ته 2015 ۾ تڏهوڪي چيف جسٽس انور خان جي ڀاءُ کي خلاف ّابطه گهر الاٽ ٿيو هو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪجهه ڀرتيون به غلط ٿيون هيون جن کي سپريم ڪورٽ رد ڪيو هو. بعد ۾ چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق کي به گهر الاٽ ٿيا هئا. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ججن قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي ته انهن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ نب ريفرنس ڇو نه موڪليو؟ جسٽس گل حسن اورنگزيب به نيب جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسين چيئرمين نيب جو احترام ڪريون ٿا پر ياد رکڻ گهرجي ته هو هينئر پبل آفس هولڊر آهي. عدالت دراني جي عبوري ضمانت م 8 اپريل تائين واڌ ڪندي معاملو چيئرمين نيب کي ريفر ڪيو ۽ وڌيڪ ٻڌڻي 8 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت چيو ته نيب احتساب ڀلي ڪري پر ڪنهن کي بدنام نه ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو