بارش سبب گندگي، عوام پريشان، ميونسپل عملو غائب

بارش سبب گندگي، عوام پريشان، ميونسپل عملو غائب

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) شھر ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ رات دير سان شروع ٿيل برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آھي۔ لاڳيتو ڏھن ڪلاڪن کان پيل برسات سبب پورو شھر گپ ۽ گندگي سان ڀرجي ويو آھي۔ شھر جي مئن بس اڏي ۽ لنڪ روڊ تنگواني تي برسات سبب جمع ٿيل گندگي سبب عوام کي سخت ڏکيائن سان مھن ڏيوڻو پئجي رھيو آھي ته ٻئي پاسي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جي بحالي ۾ تڪليف ٿي رھي آھي۔ برسات سبب گذريل 12 ڪلاڪن کان بجلي غائب ھجڻ سبب علائقي جو عوام سخت تڪليف ۾ آھي۔ لاڳيتو برسات سبب فصل کي به نقصان رسيو آھي۔ برسات سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آھي۔ علائقي جي عوام ڊي سي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آھي ته شھر ۾ برسات سبب گڏ ٿيل گندگي کي ھٽائي عوام جي اچ وڃ لا۽ رستا صاف ڪرايا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو