لاهور (ويب ڊيسڪ) بين ڊنڪ جي ڇڪن جو چرچو دنيا ڀر ۾ جاري آهي، هن پي ايس ايل م ڪوئٽا خلاف 10 ڇڪن ۽ ڪراچي خلاف هڪ اننگ م 12 ڇڪن جو ريڪارڊ قائم ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته ان ۾ ببل جو ڪمال ناهي. ٿي سگهي ٿو ته ببل بواءِ جي نالي سان مشهور ڪرڪٽر بابت اوهان کي ڪو شڪ هجي ته ان م ببل جو ڪمال آهي پر بين ڊنڪ چوي ٿو ته ببل هو پاڻ کي ريلڪس رکڻ لاءِ کائيندا آهي. هن جو چوڻ آهي ته شايد اها بري عادت هجي پر مان پرسڪون رهڻ لاءِ ببل گم کائيندو آهيانئ هن چيو ته مون ٻه ڀيرا سينچري مس ڪئي آهي پر خوشي ان ڳالهه جي آهي ته ٻئي ڀيرا مون ٽيم کي کٽائڻ م اهم ڪردار اد ڪيو. ياد رهي ته ڪراچي خلاف گزريل ميچ ۾ هن 40 بالن تي 99 اسڪور ڪري هارايل ميچ لاهور کي کٽرائي هئي.










