سجاول(سليم ملاح) ميڊيڪل بورڊ علاج بعد چري ڇوڪري نجمه جو دماغي توازن بحال ٿيڻ بابت رپورٽ سول جج منير احمد جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. پوليس پهري ۾ ناري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي هن پنهنجي چاهيندڙ ممتاز ملاح سان نڪاح جي خواهش ظاهر ڪئي. جيڪو پڻ عدالت ۾ موجود هو ۽ هن به پنهنجي رضا مندي ظاهر ڪئي. نوجوان ناري نجمه دماغي توازن ٺيڪ نه هئڻ ڪري سجاول جي بازار ۾ ڦرندي هئي جتي ڪجهه شرپسندن کيس جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو هو ۽ هوءَ حمل سان ٿي وئي هئي. جنهن بعد مقامي نوجوان ۽ سوشل ورڪر نظير احمد نانگ پاران معاملو سوشل ميڊيا تي آندو ته ايس ايس پي سجاول سهائي ٽالپر ان جو نوٽيس وٺي کيس عدالت ۾ پيش ڪري عدالتي حڪم تي علاج ڪرايو. جنھن بعد ڊي آءِ جي فدا حسين مستوئي ۽ بيت المال جي ٽيم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي سجاول جي اڳواڻن ڇوڪري جي مدد ڪئي. عدالت کيس سيف هائوس منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.










