نجمه جو علاج بعد دماغي توازن بحال، پيار جو پرڻو

نجمه جو علاج بعد دماغي توازن بحال، پيار جو پرڻو

سجاول(سليم ملاح) ميڊيڪل بورڊ علاج بعد چري ڇوڪري نجمه جو دماغي توازن بحال ٿيڻ بابت رپورٽ سول جج  منير احمد جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. پوليس پهري ۾ ناري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي هن پنهنجي چاهيندڙ ممتاز ملاح سان نڪاح جي خواهش ظاهر ڪئي. جيڪو پڻ عدالت ۾ موجود هو ۽ هن به پنهنجي رضا مندي ظاهر ڪئي. نوجوان ناري نجمه دماغي توازن ٺيڪ نه هئڻ ڪري سجاول جي بازار ۾ ڦرندي هئي جتي ڪجهه شرپسندن کيس جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو هو ۽ هوءَ حمل سان ٿي وئي هئي. جنهن بعد مقامي نوجوان ۽ سوشل ورڪر نظير احمد نانگ پاران  معاملو سوشل ميڊيا تي آندو ته ايس ايس پي سجاول سهائي ٽالپر ان جو نوٽيس وٺي کيس عدالت ۾ پيش ڪري عدالتي حڪم تي علاج ڪرايو. جنھن بعد ڊي آءِ جي فدا حسين مستوئي ۽ بيت المال جي ٽيم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي سجاول جي اڳواڻن ڇوڪري جي مدد ڪئي. عدالت کيس سيف هائوس منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو