مانجهند(مهراڻ عمراڻي) ڳوٺ الهيار کوسو ۾ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سڏ تي عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن عتيقه قمبراڻي حنا قمبراڻي روزينه لاکير ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عورتن کي سماج ۾ مليل اهم ڪردار کي ذميواي سان نڀائڻو پوندو، عورت انتهائي بهادري سان سماج جي مشڪلاتن کي منهن ڏئي ٿي سنڌ جي ٻھراڙي جون عورتون تمام گهڻيون مظلوم آھن. زمينن ۾ مزدوري ڪاٺيون ڪرڻ پاڻي ڀرڻ سان گڏ معمول موجب گهر جو ڪم ڪن ٿيون پر عورت جي حقن جي حاصلات لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو نياڻن جي تعليم جو بنيادي حق آھي. معاشري ۾ عورتن ۽ مردن ۾ اڻبرابري ختم ٿيڻ گهرجي عورتن کي بنيادي حق گهرڻ تي واويلا بند ٿيڻ گهرجي هاڻي وچن ڪرڻو پوندي ته نياڻين کي تعليم لازمي ڏياري ويندي ننڍپڻ جي شادي تشدد حراسمينٽ خلاف به جنگ ڪرڻي پوندي ان موقعي تي ٽيڪنيڪل ڪميٽي اڳواڻن واجد علي پنهورمدد علي سولنگي فيروز احمد کوسو معشوق علي مڱڻهار احمد قمبراڻي سليمان ڪوريجو امجد ڪوريجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.










