اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ايشيائي تلور جي ختم ٿيندڙ نسل کي وڌائڻ بابت هڪ معاهدو ڪيو آهي جنهن هيٺ يو اي اِي وارا پڪڙيل ۽ پاليل تلور پاڪستان ۾ ڇڏيندا. ان ڏس ۾ موسميات جي تبديلي واري کاتي جي وزير امين اسلم سان گڏيل عرب امارات جي وفد مجيد المنصوري جي سربراهي ۾ ملاقات ڪري تفصيل طئي ڪيا. هوبرا فنڊ انٽرنيشنل يعني “ايڇ ايف آءِ” جنهن جو سربراهه منصوري آهي تنهن پاڪستان ۾ تلور جي ختم ٿيندڙ نسل جي بچاءَ بابت منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ان ڏس ۾ سفارشون پيش ڪيون. ان ڏس ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو مشڪل ڪم آهي ڇو ته تلور جي افزائش نسل لاءِ جيڪڏهن ڪو به منصوبو شروع ٿيو ته ان جي حفاظت ڪرڻي پوندي ڇو ته بگهڙ ۽ گدڙ انهن کي وڌڻ نه ڏيندا. اهو منصوبو ان وقت شروع ڪرڻ گهرجي جڏهن ان نسل جا پرڏيهي پکي ايندا آهن ۽ ان لاءِ حڪومت کي تمام گهڻو خيال ڪرڻو پوندو.










