ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ پارليمان جو ميمبر محمد علي رمضاني ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو آهي. ايران ۾ گزريل 24 ڪلاڪن ۾ 9 ماڻهو مري ويا آهن ۽ ڪورونا سبب مرندڙن جوٽوٽل انگ 43 ٿي ويو آهي. ايران جي نائب صدر معصومه ابتڪار به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آهي ۽ سندس طبيعت خراب آهي.

ايراني حڪومت جو چوڻ آهي ته رمضاني ڪورونا سبب ناهي فوت ٿيو پر زڪام ۽ ساهه گهٽجن سبب فوت ٿيو آهي. جڏهن عرب نيوز چينل العريبيه جو چوڻ آهي ته هو ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا ٻه نوان ڪيس سامهون آيا آهن جنهن بعد تعداد 4 ٿي ويو آهي. جڏهن ته چين ۾ وڌيڪ 47 ماڻهو مري ويا آهن جنهن بعد ڪورونا وائرس سبب مرندڙن جو انگ 2835 ٿي ويو آهي. چين ۾ 433 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جنهن بعد وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 79 هزار 257 ٿي ويو آهي. چين جي نيشنل هيلٿ سروس موجب 39 هزار کان مٿي مريض ٺيڪ ٿي ويا آهن جڏهن ته باقي مريضن جو علاج هلندڙ آهي. پاڪستان ۾ وزيراعظم جي صحت بابت مشير ڊاڪٽر ظفر مرزا گذريل ڏينهن ٻه نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي جن مان هڪ سنڌ ۽ هڪ وفاق ۾ هو.










