قلندرز ۽ ڪراچي جي قسمت خراب، سلطان ۽ زلمي ڪامياب

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) جمعي ڏينهن پاڪستان سپر ليگ ۾ ٻه ميچ ٿيا، ملتان ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي ميزبان ملتان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ هنن مقرر اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنز اسڪورڪيون، اوپنر معين علي ۽ ڪپتان شان مسعود ففٽيون هنيون.

شاهد آفريدي3 بالن تي هڪ رن ٺاهي ۽ سهيل تنوير هڪ بال تي 2 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ملتان سلطان جي جواب ۾ ڪراچي وارا 17 اوورز ۾  134 تي ڍير ٿي وئي. بعد ۾ راولپنڊي ۾ بارش سبب پشاور زلمي ۽ لاهور قلندر جي ميچ متاثر ٿي ۽ راند 12 اوورز تائين محدود ٿي وئي. پشاور زلمي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 132 رنز ٺاهيون.

جنهن ۾ ٽوم بينٽن 15 بالن تي 34 ۽ حيدر علي 12 بالن تي 34 رنز ٺاهي نمايان رهيا. اڪمل 8 بالن تي 14 رنز اسڪور ڪري پويلين موٽيو. جواب ۾ لاهور قلندرز جي بيٽنگ شروع ٿي ته فخر 22، ڪرس لين 30، حفيظ هڪ ڊين ولاس 2 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. نتيجي ۾ رن ريٽ وڌي ويو. قلندرز ٽيون ميچ به هارائي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو