ڪليم امام موٽر وي ۽ مشتاق مهر سنڌ جو نئون آءِ جي مقرر

اسلام آباد (اياز مهر) وفاقي حڪومت نيٺ ڊگهي تڪرار بعد سنڌ حڪومت جي تجويز تي مشتاق مهر کي صوبي جو نئون آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ان ڏس ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي آءِ جي ڪليم امام کي موٽروي پوليس جو نئون آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي. ريلوي پوليس جي آءِ جي طور ڪم ڪندڙ گريڊ 22 هين جي آفيسر مشتاق احمد مهر جي سنڌ جي نئين آءِ جي طور تعيناتي جي تصديق اطلاعات بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ به ڪري ڇڏي آهي.

ياد رهي ته سنڌ مان آءِ جي پوليس ڪليم امام کي هٽائڻ بابت سنڌ ۽ وفاقي حڪومت ۾ ڳچ عرصي کان تڪرار هلندڙ هو. وزيراعظم عمران خان خاطري ڪرائڻ باوجود مشتاق مهر کي مقرر نه ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو