مهر برادري ۾ زمين تان جهيڙو 2 ڄڻا زخمي

خانپورمھر(آفتاب سيال) ڳوٺ قائم مهر ۾ زمين جي مالڪي تان مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزادانه استمعال ڪيو ويو. نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا ٻه ڄڻا لطف مهر ۽ مولابخش مهر زخمي ٿي پيا جن کي وارث خانپورمهر ٿاڻي تي کڻائي آيا پر خانپورمهر پوليس هڪ ڌر جي زخمي لطف مهر کي ليٽر نه ڏنو ته کيس وارث خانپورمهر جي شيخ همدان بن محمد اسپتال کڻائي آيا جتي خانپورمهر پوليس پهچي کيس ليٽر ڏئي زخمي لطف مهر جي وارث عبدالقادر مهر کي کنڀي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن جهيڙي جي ٻنهي زخمين کي شيخ همدان بن محمد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف خانپورمهر ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي خلاف اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو