نوڪرين جي آسري لکين لٽيندڙ نيب هٿان گرفتار

چيلهار (ساجدنهڙيو) نيب جي ٽيم بي روزگار نوجوانن کان نوڪرين جي آسرن تي لکين روپيا ڦريندڙ  فراڊي ٽولي جي هڪ شخص ڪلارڪ گريش مهيشوري کي چيلهار پوليس جي مدد سان گرفتار ڪري ورتو آهي. گريش مهيشوري تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ آهي مذڪوره شخص وڏي وقت کان نوجوانن کي سرڪاري نوڪرين سان سلهاڙڻ جا آسري ڏئي لکين روپين ڦريندو  رهيو هو. گرفتاري بعد گريش ڪلارڪ کي نيب جي ٽيم حيدرآباد کڻي وئي، ذريعن کان مليل معلومات چيلهار نوڪرين جي آسري لٽيندڙ گروه وڏي وقت کان ڪاروائي کان آجو بڻيل هو پر نيب جي ٽيم هڪ شخص کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته ساڳي ٽولي چار کان وڌيڪ ماڻهو اڃان به سرگرم نظر اچي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو