سنڌ لاءِ پيپلز پارٽي ڪورونا وائرس آهي،جلال شاهه

مورو )مورائي اياز سولنگي(سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاھ چيو آهي ته سنڌ وسيلن سان مالا مال آهي پر ڌرتي ڌڻي بک, بيروزگاري, مهانگائي, جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن  روزگار ۽ وسيلن تي ڌاريا قابض آهن ساڍا 12 سو ارب  سنڌ جي بجيٽ آهي مگر پي پي  جا حڪمران اها بجيٽ سنڌ ۽ سنڌ جي عوام تي خرچ ڪرڻ بجاء پاڻ هڙپ ڪري رهيا آهن جنهن ڪري مڪمل سنڌ جا کاتا تباھ لڳا پيا آهن ڪنهن به غريب ماڻهو کي ڪجهه به نه ٿو ملي، هاڻي سنڌ جي ماڻهن کي سجاگ ٿيڻو پوندو سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جو درد رکندڙ ماڻهن کي اسيمبلين ۾ پهچائين اهڙن خيالن جو اظهار هن مورو شهر جي گچيرو روڊ تي  جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو . مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ شروع ڪيل عوامي رابطن جي مهم دوران هن چيو ته سنڌ جي وڏي ۾ وڏي بجيٽ مڪامي ادارن تي خرچ ڏيکاري پئي وڃي پر سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ صفائي سٿرائي جو بهتر نظام ناهي پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي ماڻهو زهريلو ۽ گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن مڪاني ادارن کي پي پي  جي حڪمرانن گفٽ ڪري ڏئي ڇڏيا آهن جيڪي لٽين ۽ ڦرين ٿا صحت ۽ تعليم جون سهولتون  ناهن غريب ماڻهن کي دوائون به ڪونه ٿيون ملن , اسڪولن جي حالت خراب آهي هاڻي حڪمران ڪڻڪ ۽ کنڊ به کپائين ٿا ۽ اها به سهولت  غريبن کان کسي پئي  وڃي  پي پي   جي حڪمرانن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ڪابه چڱائي نه ڪئي آهي نه ئي ڪندا هاڻي عوام کي پي پي  مان جان ڇڏائڻي پوندي  ادريس  چانڊيو چيو  ته سنڌ بد امني  جي ور چڙهيل  آهي حڪمران اقتدار ۽ پئسي جي حوس ۾ مدهوش  ٿيل آهن  پي پي  جي ايم پي اي شهناز انصاري کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو حق ۽ سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ صحافي عزيز ميمڻ کي پڻ قتل ڪيو ويو مگر سنڌ حڪومت انهن جي لاء ڪجھ به نه ڪيو جوابدار گرفتار ناهن ٿيا حڪمران آء جي سنڌ جو بهانو بنائي پاڻ کي آجو ڪري ڇڏين ٿا پي پي  جي روپ ۾ سالن کان سنڌ ۾  ڪرونا وائرس موجود آهي جن سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي تباهي کانسواء ڪجھ به ناهي ڏنو  روشن ٻرڙو چيو  ته ايس يو پي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي حقيقي پارٽي آهي جيڪا مسلسل ماڻهن جي بهتري لاء جدو جهد ڪندي اچي پئي ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سڄي سنڌ ۾ ايس يو پي جا اميدوار بيهاريا ويندا ته جيئن اهي چونڊجي شهرين ۽ ماڻهن جي بهتري ڪري سگهن, جگديش  آهوجا چيو ته اسان سڄي سنڌ ۾ اهڙا جلسه ڪري ماڻهن کي بهتري طرف آڻڻ چاهيون ٿا ته جيئن انهن کي هر ڳالھ کان آگاھ ڪري پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻپ ڪرايون ان کان علاوه اسلم ڪوريجو, غلام حسين جويو, محمد ياسين سومرو,  محمد علي سولنگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ پارايا ويا جڏهن سيد جلال محمود شاھ جلسي گاھ ۾ پهتو ته سندن جو شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي,جڏهن ته جلسي ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ادريس چانڊيو پنهنجو لکيل ڪتاب سنڌ ۾ مهاجر مسئلو جون ڪاپيون صحافين ۽ سياسي سماجي ماڻهن ۾ تقسيم پڻ  ڪيون, بعد ۾ سيد جلال محمود شاھ پارٽي جي اڳواڻ  محمد ياسين سومرو سان سندس چاچي جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي هن جلسي ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن امين ڪلھوڙو جڳديش ڪمار جاني سولنگي اشفاق پنهور ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو