شڪارپور(عبدالخالق سومرو) سرڪاري فوڊ گدام تي مقرر ٿيل ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر محمد اشرف ڪيريو پنھنجي ئي کاتي خلاف ڪڻڪ غائب ٿيڻ بابت اينٽي ڪرپشن ۾ شڪايت ڪري ڇڏي ،جنهن تي اينٽي ڪرپشن ٽيم سرڪل آفيسر سعيد ڀيو جي اڳواڻي ۾ فوڊ گدام تي مئجسٽريٽ سجاد نعيم گدي جي نگراني ۾ رڪارڊ جي جاچ پڙتال ڪندي سال 2016 کان 2018 تائين جو رڪارڊ پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سرڪل آفيسر سعيد ڀيو چيو ته هاڻوڪي ڊي ايف سي محمد اشرف ڪيريو جي درخواست تي ڪارروائي ڪئي آھي جنهن ڪڻڪ جي وڪري ۽ خريداري ۾ 24 ڪرڙو 77 لک جي خرد برد ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو هو، باقي اسان ڪجهه رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آھي ۽ مڪمل جاچ بعد ئي ڪيس داخل ڪري ملوثن جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين. رابطو ڪرڻ تي اڳوڻي ڊي ايف سي مفتي رفيق احمد چيو ته مان شڪارپور کان ٻاهر آھيان ۽ ڊي ايف سي اشرف ڪيريو غيرقانوني طور مون کي ٻُڌائڻ بنا گدام مان ڪڻڪ ڪڍرائي غائب ڪرائي رهيو آھي ۽ هڪ سازش تحت ڇاپو هڻائي مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو