اينٽي ڪرپشن جو فوڊ گدام تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط

شڪارپور(عبدالخالق سومرو) سرڪاري فوڊ گدام تي مقرر ٿيل ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر محمد اشرف ڪيريو پنھنجي ئي کاتي خلاف ڪڻڪ غائب ٿيڻ بابت اينٽي ڪرپشن ۾ شڪايت ڪري ڇڏي ،جنهن تي اينٽي ڪرپشن ٽيم سرڪل آفيسر سعيد ڀيو جي اڳواڻي ۾ فوڊ گدام تي مئجسٽريٽ سجاد نعيم گدي جي نگراني ۾ رڪارڊ جي جاچ پڙتال ڪندي سال 2016 کان 2018 تائين  جو رڪارڊ پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سرڪل آفيسر سعيد ڀيو چيو ته هاڻوڪي ڊي ايف سي محمد اشرف ڪيريو جي درخواست تي ڪارروائي ڪئي آھي جنهن ڪڻڪ جي وڪري ۽ خريداري ۾ 24 ڪرڙو 77 لک جي خرد برد ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو هو، باقي اسان ڪجهه رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آھي ۽ مڪمل جاچ بعد ئي ڪيس داخل ڪري ملوثن جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين. رابطو ڪرڻ تي اڳوڻي ڊي ايف سي مفتي رفيق احمد چيو ته مان شڪارپور کان ٻاهر آھيان ۽ ڊي ايف سي اشرف ڪيريو غيرقانوني طور مون کي ٻُڌائڻ بنا گدام مان ڪڻڪ ڪڍرائي غائب ڪرائي رهيو آھي ۽ هڪ سازش تحت ڇاپو هڻائي مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو