النور ملز يونين جي چونڊ ۾ ورڪر پينل ڪامياب

شاهپورجهانيان (اسد جاني) النور شگرمل مزدور يونين جو ريفرينڊم  ورڪر پينل کٽي ورتو. ڪافي سالن کان الڪيشن کٽندڙ پينل کي شڪست ملي وئي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليبرحيدرآباد، انجنيئر محمد علي شيخ جي نگراني ۽ پوليس جي سخت پهري ۾ ووٽنگ ٿي. نتيجي موجب ورڪر يونين پئنل 213 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ، جڏهن ته سندس مخالف محنت ڪش ليبر يونين پئنل 149 ووٽ کڻي هارجي ويو . ڪامياب ٿيل ورڪر يونين پئنل جي صدر تاج محمد ڏاهري ۽ جنرل سيڪريٽري طاهر محمود ڀٽي ۽ سلامت ڏاهري جي اڳواڻي ۾ سوين مزدورن ۽ حامين سان گڏ ڪاميابي جي خوشي ۾ دهل شرنائين سان ريلي ڪڍي جهمريون هڻي رقص ڪيو . ريلي کي مختصر خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پورهيتن ڪامياب ڪري جيڪو خدمت جو موقعو ڏنو آھي ، ان تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪبي . مزدورن جا سمورا جائز مسئلا بنا فرق جي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو