سفاري پارڪ جي شينهن نوجوان کي کائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)سفاري پارڪ ۾ اربع جي صبح هڪ نوجوان جي جسم جو ٽڪرو مليو جنهن جي باري ۾ عملدارن جو چوڻ آهي ته ان کي پارڪ ۾ موجود شينهن کائي ويا. سفاري پارڪ لاهور جي ڊائريڪٽر محمد شفقت موجب صبح جي وقت سفاري پارڪ لاهور جي پويا ڳوٺ جا ماڻهو بلال نالي گم ٿيل شخص جي ڳولا ڪندي اچي سفاري پارڪ ۾ پهتا. انهن جي مدد ڪندي جڏهن سفاري پارڪ جو عملو  پارڪ ۾ موجود شينهن کي بند ڪرڻ ويا ته انهن پڃرن جي ڀرسان ان ڇوڪري جي جسم جو ٽڪرو مليو جنهن ۾ ڪپڙا ۽ هڏيون شامل هيون. محمد شفقت جي موجب هاڻي انهن کي ان ڳالهه جيترو  علم ناهي ته شينهن جو نشانو بڻجڻ وارو  محمد بلال شينهن جو شڪار ڪيئن ٿيو. اهو پارڪ ۾ داخل ڇا جي لاءِ  ٿيو. اها گهڻي وقت اڳ جي ڳالهه آهي ان ڳالهه تي ڳالهائڻ مناسب نه آهي. هن جو چوڻ هو ته هن وقت هن پارڪ ۾ 39 شينهن موجود آهن ۽اها خبر ناهي ته ڪهڙي شينهن ڇوڪري تي حملو ڪيو آهي .محمد بلال جي وارثن پاران ان جي عمر تقريبن 17 يا 18 سال ٻڌائي پئي وڃي. سفاري پارڪ جي ويجهي ڳوٺ جا ماڻهو اڪثر ڪري گاهه ڪٽڻ ايندا آهن. محمد بلال جي گهر ڀاتين جو  چوڻ آهي ته هو شام جو گهر کان نڪتو پر واپس گهر موٽي نه آيو. سندس گهر وارا دعويٰ سان چوڻ لڳا ته جڏهن ان سفاري پارڪ جي عملي سان رابطو ڪيو ته انهن اهو چئي مدد کان انڪار ڪري ڇڏيو  ته  پارڪ ۾ وڃڻ خطري کان خالي نه آهي. پارڪ جي عملي شينهن کي بند ڪرڻ کانپوءِ بلاول جي ڳولا شروع ڪئي ته سندس ڪپڙا ۽ هڏيون مليون.وارثن جو چوڻ آهي ته ان واقعي جي پوليس ۾ رپورٽ درج ڪرائي آهي. سندس وارثن ۽ مڇريل ڳوٺاڻڻ سفاري پارڪ جي آفيس تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو