پاڪستان مائننگ ڪمپنين جي ميزباني ۽ سرمائيڪاري جي لاءِ تيار

پاڪستان مائننگ ڪمپنين جي ميزباني ۽ سرمائيڪاري جي لاءِ تيار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وڏي تعداد ۾ معدني ذخيرن ۽ وسيع موقعن جي بدولت پاڪستان عالمي مائننگ ڪمپنين جي ميزباني ۽ پرڏيهي سرمائيڪاري جي لاءِ تيار آهي. پاڪستان جي معدني شعبي ۾ سرمائيڪاري جي لاءِ منرلز انويسٽمينٽ فورم ايس آئي ايف جي تعاون سان منعقد ڪيو پيو وڃي.وسيع معدني وسيلن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 12 ۽ 13 نومبر تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم ۾ ملڪي سياسي، عسڪري قيادت سميت عالمي مائننگ ايگزيڪيٽوز، سرمائيڪار، پاليسي ساز ۽ ماهرين شرڪت ڪندا.معدنيات ۽ مائننگ جي ويليو چين سان تعلق رکندڙ ڪمپنين، منصوبن، مصنوعات، خدمتون، سامان ۽ ٽيڪنالوجيز جي نمائش به منعقد ڪئي ويندي. فورم جو مقصد پاڪستان جي قيمتي معدني ذخيرن ۽ وسائن کي ڪتب آڻيندي معدنيات جي شعبي ۾ ملڪي، پرڏيهي سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي.پاڪستان جي وسيع معدني شعبي ۾ سرمائيڪاري جي لاءِ منرلز انويسٽمينٽ فورم ايس آئي ايف سي جي تعاون سان منعقد ڪيو پيو وڃي. پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم سان عالمي ٽيڪنيڪي ڀائيواري، پاليسي اصلاحات، سرمائيڪاري ۽ پائيدار مائننگ لاءِ نوان رستا کلندا.صدر پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم(پي ايم آئي ايف) احمد حيات لڪ چيو آهي ته 12 ۽ 13 نومبر تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم 2026 ۾ شرڪت جي دعوت ڏين ٿا. پاڪستان وسيع معدني وسيلن ۽ سرمائيڪاري جي لاءِ تمام گهڻن موقعن سان مالا مال هڪ پرڪشش منزل آهي.احمد حيات لڪ چيو ته عالمي شهرت رکندڙ وڏيون صنعتي ڪمپنيون پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت ڪنديون، اهو عالمي اڳواڻن سان رابطه، پاڪستان جي معدني شعبي جي صلاحيت جانچڻ ۽ انهي مان فائدو کڻڻ جو موقعو هوندو. پاڪستان منرلز انويسمينٽ فورم سان عالمي ٽيڪنيڪي ڀائيواري، پاليسي اصلاحات، سرمائيڪاري ۽ پائيدار مائننگ جي لاءِ نوان رستا کلندا.

پهنجو تبصرو موڪليو