شهدادڪوٽ:(ن س) شهدادڪوٽ ۾ اڻچاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.پوليس موجب شهدادڪوٽ ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ سبب ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار عبدالجبار جمالي زخمي ٿي پيو پوليس اهلڪار کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.پوليس موجب فائرنگ جو واقعو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ لکپت روڊ تي پيش آيو، جتي اڻڄاتل هٿياربندن ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن سبب پوليس اهلڪار عبدالجبار جمالي زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال نيو ويو پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.انهي حوالي سان پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شهيد پوليس اهلڪار عبدالجبار جمالي لکپت روڊ تي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو هو، جڏهن ته فائرنگ واري واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جاچ بعد ئي حقيقتون سامهون اچي سگهنديون،










