جيڪو شهر ملڪ کي پالي پيو، ان کي زنده رهڻ ڏيو

جيڪو شهر ملڪ کي پالي پيو، ان کي زنده رهڻ ڏيو

ڪراچي:(اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جيڪو شهر ملڪ کي پالي رهيو آهي انهي کي زنده رهڻ ڏنو وڃي، پاڪستان جي دل ڪراچي تي به ڪا نوازش ڪئي وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ خالد مقبول صديقي چيو ته اسان جو تعلق جاگيردارانه نظام سان نه آهي، اسان موروثي سياست پيداوار نه آهيون نه ئي اسان جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ آهي پر اسان جو ڪم سياست ڪرڻ آهي.هن جو چوڻ هو ته اسان سياست کي واپار نه پر خدمت سمجهي ڪندا آهيون، پاڪستان ۾ حڪمران هڪ مخصوص طبقي جو نالو آهي ۽ اسان جو انهي طبقي سان ڪوبه تعلق نه آهي، اسان جو مقابلو اهڙي سوچ سان آهي جيڪو تعليم جو مخالف آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو ته بجلي غريبن جي گهرن مان نڪري اميرن جي گهرن ۾ ويندي آهي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي غريبن جي گهرن تائين نٿي پهچائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو