آمريڪا پاران ايران جي قشم ٻيٽ تي حملو، وال اسٽريٽ

آمريڪا پاران ايران جي قشم ٻيٽ تي حملو، وال اسٽريٽ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ )آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل آمريڪي عملدارن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ايران جي قشم ٻيٽ تي حملو ڪيو آهي.آمريڪي عملدارن ان ڪارروائيءَ کي دفاعي نوعيت جي ۽ آمريڪي اثاثن جي تحفظ لاءِ کنيل قدم قرار ڏنو آهي. هڪ عملدار جو چوڻ هو ته ايران طرفان آمريڪي جهاز تي فائرنگ جو جواب ڏنو ويو.رپورٽ موجب اهو حملو اهڙي وقت ڪيو ويو آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان سفارتي معاهدي جو امڪان ظاهر ڪري رهيا آهن.ان کان اڳ سومر ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو هو ته آمريڪا ڪيترن ئي مهينن کان ڪا به جنگ نه پيو ڪري.هوڏانهن ايران جي سرڪاري خبر ايجنسيءَ جو چوڻ آهي ته قشم ٻيٽ تي لڳاتار پنج ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، جڏهن ته پاسدارانِ انقلاب آبنائي هرمز ويجهو آمريڪي ايم ڪيو 9 ڊرون تباهه ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو