پوليس سان جهيڙو، ايمان مزاري ۽ هادي چٺا جي ضمانت منظور

پوليس سان جهيڙو، ايمان مزاري ۽ هادي چٺا جي ضمانت منظور

اسلام آباد)بيورو رپورٽ)دهشتگردي ٽوڙ عدالت روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ پوليس سان جهيڙي واري ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي ضمانت منظور ڪري ورتي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پوليس طرفان ڪيس جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.ٻڌڻيءَ دوران سرڪاري وڪيل علي آزاد عدالت کي ٻڌايو ته اڄ ڪيس جو رڪارڊ اچي ويو آهي. ان تي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اڄ به رڪارڊ نه اچي ها ته هو کين ٻڌائي ها.جج جوابدارن جي وڪيلن کان پڇيو ته ڇا کين ڪجهه چوڻو آهي؟ جنهن کانپوءِ هن چيو ته ڇڏيو، ضمانت منظور ڪئي وڃي ٿي.عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي پنج، پنج هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين پوليس کي شوڪاز نوٽيس بابت معاملو پڻ ڏسڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو