پنجاب ۾ 3 ايڊيشنل ۽ 9 اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل مقرر

پنجاب ۾ 3 ايڊيشنل ۽ 9 اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ٽن وڪيلن کي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب، جڏهن ته 9 وڪيلن کي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب مقرر ڪري ڇڏيو آهي.محڪمه قانون ۽ پارلياماني معاملن پنجاب طرفان مقررين جا باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن، سموريون مقرريون فوري طور لاڳو ٿينديون. نوٽيفڪيشن موجب محمد فرخ خان، بشير احمد خان ۽ عمر اعجاز گيلاني کي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب مقرر ڪيل وڪيلن ۾ بئريسٽر عبدالوهاب خان، بئريسٽر پيرزاده محمد اورنگزيب شاهه، فهد رفيق، مس ساره مجيد، مدثر حسين ملڪ، عمر سجاد چوهاڻ، عبدالمقتدر، ابراهيم هارون ۽ سيد ضياءَ حيدر زيدي شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو