لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته ڏوهاري ڀلي سندس پنهنجي جماعت سان تعلق ڇو نه رکندو هجي، ان کي به بخش نه ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪو به بااثر شخص قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندو.منڊي بهاوالدين جي يونيورسٽي آف رسول ۾ هونهر اسڪالرشپ ۽ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڊڄي ڊڄي حڪومت نٿي هلائي سگهجي، اصول واضح ۽ هڪجهڙا هئڻ گهرجن. هن چيو ته موٽرسائيڪل سوار عورت تي تشدد واري واقعي ۾ متاثر نينگريءَ کي چيو ته جيترا چماٽون ان شخص کيس هنيو، اوتريون ئي هوءَ به کيس هڻي. مريم نواز جو چوڻ هو ته پيٽرول پمپ تي تشدد واري واقعي ۾ به سندس موقف ساڳيو هو، پنجاب حڪومت هاڻي مظلومن سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪنهن به غريب جي عزت تي سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڏوهاري ايندڙ ئي ڏينهن ضمانت تي آزاد ٿي وڃن ٿا، ضرورت پئي ته هوءَ چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ سان به ملاقات ڪندي.










