ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ جي سمورن ايئرپورٽن تي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جو اميگريشن سسٽم هڪ ڪلاڪ تائين معطل رهڻ بعد بحال ٿي ويو، جنهن سبب مسافرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ عالمي اڏامن جي روانگي پڻ متاثر ٿي. رپورٽ موجب، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ سميت ملڪ جي سمورن ايئرپورٽن تي ايف آءِ اي جو اميگريشن سسٽم اوچتو بند ٿي ويو هو، جنهن سبب مسافرن جي اميگريشن وارو عمل عارضي طور معطل ٿي ويو ۽ ايف آءِ اي ڪائونٽرن تي مسافرن جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. ايئرپورٽ اختيارين موجب، ملڪ جي سمورن ايئرپورٽن تي اميگريشن سسٽم هڪ ئي وقت بند ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ عالمي اڏامن جي روانگيءَ تي به اثر پيو. اختيارين ٻڌايو ته لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ تائين معطل رهڻ کانپوءِ ايف آءِ اي جو اميگريشن سسٽم مرحليوار بحال ٿي ويو. رپورٽ موجب، رابطو ڪرڻ باوجود ايف آءِ اي اختيارين سسٽم بند ٿيڻ جا ڪارڻ نه ٻڌايا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻن هفتن اڳ به جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي جو اميگريشن سسٽم بند ٿي ويو هو.










