ڪار بيٽري جي سگهه ڊبل ڪرڻ بابت ڪامياب تحقيق

سيئول (ويب ڊيسڪ) ڪوريا جي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي انسٽيٽيوٽ جي سائنسدانن تحقيق دوران ٻڌايو آهي ته هنن هڪ اهڙو طريقو ڳوليو آهي جنهن سان اليڪٽرڪ ڪار جي بيٽري ٻيڻ تي بهتر ٿي ويندي ۽ 5 منٽن ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ بيٽري چارج به ٿي ويندي. تحقيق ڪارن جو چوڻ آهي ته هن وقت اليڪٽرڪ ڪارن ۾ گرفائيٽ استعمال ٿيندو آهي پر جيڪڏهن ان جي جاءِ تي سليڪان استعمال ڪيو وڃي ته ڏهوڻ تي بيٽري جي سگهه وڌي وڃي ٿي پر ان ۾ ڪجهه مسئلا به آهن. هُن جِي جُنگ جي سربراهي ۾ ٿيندڙ تحقيق جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گريفائيٽ به ڪاربان جو هڪ قسم آهي پر جيڪڏهن ڪاربان ۽ سليڪان کي گڏائي مرڪب تيار ڪجي ته ان سان بيٽري جي سگهه چئوڻ تي وڌي ويندي ۽ ان ۾ ڪو مسئلو به نه ٿيندو. تحقيقاتي ٽيم جي سربراهه جو چوڻ آهي ته نئين تحقيق بعد تمام جلد اسين تجارتي مقصد لاءِ ڪار بيٽرين جي پيداوار شروع ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو