ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي ٽيهر مهلت ڏئي ڇڏي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيوز بريفنگ م ٻڌايو آهي ته پيرس ۾ ٿيل فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس يعني ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ پاڪستان کي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي فنانسنگ روڪڻ لاءِ جوڙيل ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ وڌيڪ 4 مهينن جو وقت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جون ۾ وري جائزو ورتو ويندو. في الحال پاڪستان گري لسٽ ۾ ئي رهندو. پاڪستان 27 نڪاتي ايڪشن پلان جمع ڪرايو هو جنهن مان 50 سيڪڙو کان مٿي ان تي عمل ڪرائي چڪو آهي ۽ وڌيڪ نقطن تي عمل لاءِ سندس ڪوششن کي نظر ۾ رکندي کين موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ سندن درجو بدستور گري لسٽ ۾ شامل رهڻ جو برقرار هوندو. ياد رهي ته انڊيا ۽ سندن ساٿاري پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جنهن ۾ کين ناڪامي ٿي آهي.  بريفنگ دوران چيني ترجمان هڪ ساول جي جواب ۾ چيو ته چين پاڪستان جي مدد ڪر ٿو ۽ ڪندو رهندو سندن موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. ياد رهي ته جون 2018 ۾ پاڪستان کي جوڳا اپاءَ نه وڄڻ سبب گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ آڪٽوبر تائين ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي مهلت ڏني وئي هئي. بعد ۾ آڪٽوبر ۾ ايف اي ٽي آيف جي اجلاس ۾ پاڪستان کي فيبروري تائين وڌيڪ مهلت ملي هئي. هاڻي وري پاڪستان کي وڌيڪ مهلت ملي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو