ڪوئٽا 3 وڪيٽن تان اسلام آباد کي هارائي پهرين ميچ کٽي ورتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان سپر ليگ جو پنجون ايڊيشن شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪراچي اسٽيڊيم ۾ پهريون ميچ ٽائٽل جو دفاع ڪندڙ ڪوئٽا گليڊيئيٽرز ۽ 2 ڀيرا چيمپئن رهندڙ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۾ ٿيو. ڪوئٽا جي ڪپتان سرفراز ٽاس کٽي شاداب خان جي ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. 19.1 اوورز م اسلام آباد جي ٽيم 168 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.ڪوئٽا طرفان پهريون اوور اسپنر محمد نواز ڪيو ۽ پهرين بال تي ڪولن منرو کي ڪيچ ۽ بولڊ ڪيو. ليوڪ رونڪي ۽ ڊيوڊ ملن ٻئي وڪٽ جي شراڪت ۾ 37 رنز جو اضافو ڪيو ته رونڪي سهيل خان کي هڪ ڇڪو ۽ هڪ چوڪو هڻي 23 رنز ٺاهي پوائنٽ تي ڪيچ ٿي ويو. ڊيوڊ ملن 40 بالن تي 64 رنز ٺاهي جيسن راءِ هٿان بين ڪٽنگ جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. هن 3 ڇڪا ۽ 5 چوڪا هنيا.حسين طلعت 22 بالن تي ٺاهي حسنين جي بال تي احمد شهزاد هٿان ڪيچ ٿيو. ڪولن انگرام بين ڪٽنگ جي بال تي 6 بالن تي 6 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. آصف علي 13 بالن تي 19 رنز ٺاهي حسنين جي بال عبدالناصر هٿان ڪيچ ٿيو. شاداب خان 7 بالن تي 8 رنز ٺاهيون ته بين ڪٽنگ بولڊ ڪيس. فهيم اشرف 4 چوڪن جي مدد سان 8 بالن تي 20 رنز ٺاهي جيسن راءِ هٿان حسنين جي بال تي ڪيچ ٿيو. عماد بٽ پهرين بال تي سهيل خان هٿان ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو، محمد موسيٰ 3 بالن تي ڪا به رن ٺاهڻ بنا حسنين جي بال تي سرفراز هٿان ڪيچ ٿيو. عاقف جاويد ٻن بالن تي ڪا رن ڪو نه ٺاهي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. 9 ايڪسٽرا رنز کين مليون ۽ هنن ڪوئٽا کي 159 رنز جو ٽارگٽ ڏنو. محمد حسنين 4 اوورز م 25 رنز ڌئي 4 وڪيٽون، بين ڪٽنگ 4 اوورز ۾ 31 رنز ڏئي 3 وڪيٽ، سهيل خان 2.1 اوورز ۾ 21 رنز ڏئي 2 وڪيٽ، محمد نواز 2 اوورز ۾ 17 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. جڏهن ته فواد احمد 4 اوورز ۾ 43 ۽ عبدالناصر 3 اوورز ۾ 26 رنز ڏئي ڪا به وڪٽ نه ورتي. ڪوئٽا گليڊيئٽرز پاران شين واٽسن ۽ جيسن راءِ اوپننگ ڪئي، موسيٰ پهريون اوور ڪرايو ۽ ٻن بالن تي بنا رن ٺاهي جيسن راءِ زيرو تي آئوٽ ٿي ويو. مزيدار ڳالهه اها آهي ته ٻنهي ٽيمن جي اوپننگ بالرز پهرين اوور ۾ بريڪ ٿرو ڪيو. شين واٽسن هڪ ڇڪي ۽ 2 چوڪن جي مدد سان  12 بالن تي 15 رنز ٺاهيون ۽ عاقف جاويد جي ڊائريڪٽ ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو. احمد شهزاد 11 بالن تي پل شاٽ کيڏندي موسيٰ جي بال تي فهيم اشرف هٿان ڪيچ ٿيو. ان مهل 4.3 اوورز ۾ 26 تي ٽاپ 3 آئوٽ هئا. سرفراز احمد ٻن چوڪن جي مدد سان 18 بالن تي 21 رنز ٺاهي عماد بٽ جي بال تي ايل بي دبليو ٿي ويو. اعظم خان جارحانه بيٽنگ ڪندي ففٽي مڪمل ڪئي ۽ 33 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 59 رنز ٺاهي فهيم اشرف هٿان بولڊ ٿيو. جنهن بعد بين ڪٽنگ آيو. 15 اوورز ۾ ڪوئٽا جو اسڪور 5 وڪيٽن جي نقصان تي 130 هو. عاقف جي بال تي نواز 4 چوڪن جي مدد سان 13 بالن تي 23 رنز ٺاهي عماد هٿان ڪيچ ٿيو.جنهن بعد سهيل خان آيو هن پهرين بال تي رن ته ٺاهي پر ان وقت 24 بالن تي 36 رنز گهربل هيون ۽ ڪوئٽا جا ٽاپ 6 کلاڙي آئوٽ ٿي چڪا هئا پر بين ڪٽنگ پاسو ئي پلٽي ڇڏيو. موسيٰ شروعات م ته بهتر بولنگ ڪئي پر آخر ۾ بين ڪٽنگ سندس ڏور ڪٽي ڇڏي. جيڪو 2 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 12 بالن تي 22 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. سهيل خان موسيٰ جي بال تي شاداب هٿان ڪيچ ٿيو ، هن هڪ چوڪي جي مدد سان 9 بالن تي 14 رنز اسڪور ڪيون. عبدالناصر ٻن بالن تي هڪ رن ٺاهي بين ڪٽنگ کي وننگ اسٽروڪ کيڏڻ ڏنو. ڪوئٽا کي جهٽڪو ان وقت لڳو جڏهن پي سي بي ڪرپشن چارجز ۾ عمر اڪمل کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ سندس جاءِ تي انور علي کي ڪوئٽا وارن شامل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو