لکي غلام شاھ:(نثارمنگي)رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ سردار خادم حسين جتوئي ڀرسان ويٺل گهر پنهنجا ۾ 15 ڏينهن اڳ شادي شده عورت مسمات سبحان خاتون زال ميرحسن شر کي ڀاءُ الله ورايو شر پنهنجي سئوٽ سوڍل شر سان گڏجي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو. جنهن جو انڪشاف تڏهن ٿيو جڏهن ڊي ايس پي خانپور ممتاز کهڙو ٻن سئوٽن الله ورايو ۽ سوڍل کي ٽي ڏينهن اڳ گرفتار ڪري بند ڪرڻ بعد ڪارنهن ۾ قتل ٿيل عورت جي خون جا 2 لک روپيا طلب ڪيا .ٽن ڏينهن تائين ڊي ايس پي خانپور ۽ گرفتار شڪي جوابدارن جي مائٽن وچ ۾ ڳالهيون هلنديون رهيون مامرا طئي نه ٿيڻ تي ٻنهي ڄڻن جي گرفتاري جو اطلاع ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان خان کي ڏنو ويو .ايس ايس پي شڪارپور جي حڪم تي شڪي جوابدارن کي رستم پوليس حوالي ڪيو ويو رستم پوليس رات ديرسان ايس ايڇ او انسپيڪٽر عاشق علي ابڙو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو .










