شهرن کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ پي پي پي  جو فيصلو

شهرن کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ پي پي پي جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي گڏيل سهڪار سان سنڌ جي پنجن ڊويزنل هيڊڪوارٽرس سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ شهري ترقي ۽ موسمياني تحفظ جي منصوبن لاءِ تقريبن هڪ ارب آمريڪي ڊالر يعني 278 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي. ميئر سکر ۽ ترجمان سنڌ حڪومت بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي هيڊڪوارٽر منيلا ۾ منعقد ڪيل ڪلائميٽ ايڊاپٽيشن انويسٽمينٽ پلاننگ فورم (CAIP) کي خطاب ۽ ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو آهي ته حڪومت سنڌ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي گڏيل سهڪار سان سنڌ جي پنجن ڊويزنل هيڊڪوارٽرس سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ شهري ترقي ۽ موسمياني تحفظ جي منصوبن تي تقريبن هڪ ارب آمريڪي ڊالر يعني 278 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، جنهن تحت صاف پاڻي، سيوريج، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ، جديد لينڊ فل سائيٽس، موسمي لحاظ کان محفوظ انفرسٽرڪچر، شجرڪاري، شهري جنگلات ۽ جامع ماسٽر پلانن سميت مختلف منصوبا مڪمل ڪيا ويندا. بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته “سنڌ سيڪنڊري سٽيز امپروومينٽ اينڊ انويسٽمينٽ پروگرام” صوبي جي وڏن شهري ترقياتي منصوبن ۾ شامل آهي، جنهن جو مقصد شهري بنيادي سهولتن جي بهتريءَ سان گڏوگڏ شهرن جي معاشي صلاحيت کي هٿي ڏيڻ ۽ نوجوانن، عورتن ۽ ڪمزور طبقات لاءِ روزگار ۽ معاشي موقعا پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته پروگرام تحت جديد سائنسي لينڊ فل سائيٽس قائم ڪيون وينديون جنهن ۾ وسيلن جي بازيابي ۽ آمدني پيدا ڪرڻ جا نظام به شامل هوندا، جڏهن ته موسمي تبديليءَ جي اثرن کان محفوظ انفرسٽرڪچر، وڻڪاري ۽ شهري جنگلات، عالمي معيار جا ماسٽر پلان ۽ مختلف شعبن جا تفصيلي ترقياتي منصوبا به تيار ڪيا ويندا. ميئر سکر چيو ته پروجيڪٽ ريڊينيس فنانسنگ سان لاڳاپيل دستاويز تقريبن مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ جلد شايع ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته پروگرام ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا منصوبا به شامل ڪيا ويندا ته جيئن شهري خدمتن ۾ بهتريءَ سان گڏ مقامي ادارن (بلدياتي ادارن) لاءِ پائيدار آمدنيءَ جا ذريعا پيدا ڪري سگهجن ۽ ميونسپل ڪارپوريشنون آهستي آهستي مالي طور پاڻڀرو ٿي سگهن. بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ سکر لاءِ 20 لک آمريڪي ڊالر جي گرانٽ جي منظوريءَ کي اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي ‘دي راڪ فيلر فائونڊيشن’، برطانوي حڪومت ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته ارٻن ريزيليئنس ٻرسٽ فنڊ تحت سکر جي ڪلائميٽ اينڊ هيٽ ايڊاپٽيشن انويسٽمينٽ پلاننگ لاءِ منظور ٿيل اها رقم مڪمل طور گرانٽ آهي، قرض ناهي، جنهن جي واپسي يا سروس چارجز عائد نه ٿيندا. هن چيو ته نومبر 2026ع ۾ بين الاقوامي ڪنسلٽنٽس سکر ۾ ڪم شروع ڪندا، جن جي مدد سان سيڙپڪاريءَ لاءِ تيار منصوبا جوڙيا ويندا، وڌيڪ مالي وسيلا حاصل ڪرڻ جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ شهري بنيادي سهولتن سميت سخت گرميءَ جي اثرن کان تحفظ لاءِ ڊگهي عرصي تائين رٿابندي ڪئي ويندي. هن قدم ۾ گھٽ آمدني واري خاندانن ۽ ڪچين آبادين جي رهاڪن سميت ڪمزور طبقات جي تحفظ کي خاص اهميت ڏني ويندي. هن چيو ته موسمي تبديلي دنيا کي درپيش سنگين چئلينجن ۾ شامل آهي، سخت گرمي، ٻوڏ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ عوامي زندگي، روزگار ۽ بنيادي شهري سهولتن کي متاثر ڪيو آهي، ان صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ موسمي لحاظ کان مضبوط انفرسٽرڪچر ۽ مربوط رٿابندي ناگزير آهي. بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته CAIP فورم ۾ حڪومتن جي نمائندن، ترقياتي ڀائيوارن ۽ بين الاقوامي مالي ادارن شرڪت ڪئي، جتي موسمي تبديليءَ کان محفوظ انفرسٽرڪچر ۽ سيڙپڪاريءَ جي اثرائتن شراڪتي ماڊلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان، سنڌ ۽ بالخصوص سکر جي نمائندگي ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن ٻڌايو ته اي ڊي بي جي بابت نائب صدر ڏکڻ، وسطي ۽ اولهه ايشيا َينگ منگ يانگ سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل بلدياتي ادارن سان منصوبن تي وقت سر عملدرآمد لاءِ مڪمل تعاون جي يقين ڏياريو آهي، جيڪا سنڌ جي شهري ترقياتي ۽ موسمي ترجيحن تي عالمي اعتماد جو مظهر آهي. فورم جي موقعي تي بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ نيپال جي صوبي مڌيش جي وڏي وزير ڪرشنا پرشاد يادو سان ملاقات ڪئي ۽ نيپال ۾ تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ به موسمي آفتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن کان بخوبي واقف آهن، ان ڪري عالمي تعاون، موسمي لحاظ کان مضبوط رٿابندي ۽ تجربن جي ڏي وٺ وقت جي اهم ضرورت آهي. بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي ۽ حڪومت سنڌ جو عزم آهي ته ترقياتي منصوبن کي عملي سيڙپڪاريءَ ۾ تبديل ڪري عوام جي زندگين ۾ هميشه لاءِ بهتري آندي وڃي. هن چيو ته مقصد ترقياتي خيالن کي عملي سيڙپڪاريءَ ۾ تبديل ڪرڻ، شهرن کي مضبوط بنائڻ، موسمي تبديليءَ جي مقابلي ۾ انهن جي استعداد وڌائڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ آهي ته ترقيءَ جي سفر ۾ ڪوبه پوئتي نه رهجي وڃي. هن ايشيائي ترقياتي بئنڪ، بين الاقوامي ترقياتي ڀائيوارن ۽ تمام لاڳاپيل ادارن جو شڪريو ادا ڪيو جيڪي سنڌ ۾ موسمي تحفظ، شهري ترقي ۽ عوامي سهولتن جي بهتريءَ لاءِ تعاون ڪري رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو