عزيزميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج جاري

عزيزميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج جاري

ڪنڊ  يارو /محرابپور(نمائندن وٽان) سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج جو سلسو جاري آهي. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ، خالد کوکر ۽ لالا رحمان سمون جي اڳواڻي ۾ محرابپور ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ آس پاس جي ڪيترن ئي صحافين شرڪت ڪئي. مرڪزي قيادت جي اچڻ جي اطلاع تي ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي تنوير تنيو ۽ ايس ايس پي ڊاڪٽر فاروق به محرابپور پهتا. صحافي اڳواڻن الٽيميٽم ڏيندي چيو ته 48ڪلاڪن ۾ جيڪڏهن قاتل گرفتار نه ٿيا ته اسين ايس ايس پي نوشهروفيروز جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين. اسين هر قيمت تي قاتلن جي گرفتاري چاهيون ٿا. ٻئي مرحلي ۾ ڊي آءِ جي بينظير آباد ۽ ٽئين مرحلي ۾ سنڌ اسمبلي تائن مارچ ڪري ڌرڻو هڻنداسين. اسانجو پرامن احتجاج جاري رهندو ۽ قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. اسان جي جدوجهد کي ڪنهن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين اسان مظلوم عوام جي ترجماني ڪندا رهنداسين اسان سچ لکندا رهنداسين. ان موقعي تي سکر يونين آف جرنلسٽ جو صدر سليم سهتو، جاويد جتوئي، اعظم مستوئي، علي شاھ نقوي، نويد کهڙو، صفدر سهتو نوشھروفيروز يونين آف جرنلسٽ صدر زاهد قائمخاني زاهد راڄپر ۽ غلام مرتضيٰ تڳر به خطاب ڪيو . پوليس آفيسرن جاچ ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت صحافي اڳواڻن کي آگاهه ڪندي قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي. نوشهرو مان مشتاق مري موجب عزيز ميمڻ جي ڀاءُ حفيظ ميمڻ جي فرياد تي ڪيمرا مين اويس قريشي ۽ 4 ٻين نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو