نشين(ويب ڊيسڪ)ايشين گيمز ڪرڪيٽ جي فائنل ۾ ڀارت پاڪستان کي 19 رنسن تان شڪست ڏئي گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪري ورتو. ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 211 رنسون ٺاهيون. اڀيشيڪ شرما 61، تلڪ ورما ناقابلِ شڪست 51، شيوام دوبي 27، شرياس آئر 21 ۽ ايشان ڪشن 20 رنسون ٺاهيون.پاڪستان طرفان عرفات منہاس ۽ احمد دانيال 2،2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ پاڪستاني ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 192 رنسون ٺاهي سگهي. حسن نواز 96 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته صائم ايوب 29 ۽ معاذ صداقت 23 رنسون ٺاهيون. ميچ دوران ڀارتي ڪپتان شرياس آئر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن هٿ نه ملايو. پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي ۽ وسيم جونيئر جي جاءِ تي سعد مسعود کي شامل ڪيو ويو.










