ورلڊ ڪپ: پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ ئي گروپ ۾ رکڻ جو امڪان

ورلڊ ڪپ: پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ ئي گروپ ۾ رکڻ جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ) 2027ع جي آءِ سي سي ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ئي گروپ ۾ رکڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان جو ڀارت خلاف رڪارڊ گهڻو متاثر ڪندڙ نه هجڻ باوجود ٻنهي ٽيمن کي هڪ ئي گروپ ۾ رکڻ بابت غور ڪيو پيو وڃي. آءِ سي سي جي ايونٽس ۾ پاڪ-ڀارت مقابلو براڊڪاسٽرز لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو، جڏهن ته ڪمرشل پارٽنرز پڻ گروپ اسٽيج ۾ پاڪ-ڀارت ميچ کي اهم قرار ڏين ٿا.رپورٽن موجب آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027ع جي شيڊول جي باضابطا رونمائي سڀاڻي ڪيپ ٽائون ۾ ٿيندي، جنهن لاءِ تقريب پاڪستاني وقت موجب رات 9 وڳي رکي وئي آهي.شيڊول سامهون اچڻ کانپوءِ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي گروپ، ميچن جي تاريخن ۽ وينيوز بابت صورتحال پڻ واضح ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو