عظميٰ ۽ نورين نيازي جي نظر بندي معطل ڪرڻ جي استدعا رد

عظميٰ ۽ نورين نيازي جي نظر بندي معطل ڪرڻ جي استدعا رد

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ عظميٰ خان ۽ نورين نيازي جي نظر بندي جا نوٽيفڪيشن فوري طور معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ جواب طلب ڪري ورتو.جسٽس عنبر گل خان نظر بندي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. عظميٰ خان ۽ نورين نيازي طرفان مدثر عمر ايڊووڪيٽ ۽ بئريسٽر تيمور عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته پنجاب حڪومت طرفان فرخ لودهي ايڊووڪيٽ پيش ٿيو. عدالت درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. واضح رهي ته 21 سيپٽمبر تي پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن نورين نيازي ۽ عظميٰ خان کي لاهور مان حراست ۾ ورتو ويو هو، ٻنهي کي 30 ڏينهن لاءِ نظر بند ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو