اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سفارتي، سرڪاري ۽ خاص پاسپورٽ رکندڙ شهرين لاءِ ويزا جي شرطن کي ختم ڪرڻ بابت هڪ معاهدو طئي ٿي ويو آهي.هن معاهدي تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران نيو يارڪ ۾ پاڪستان جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان صحيحون ڪيون.اسحاق ڊار ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته هي قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۽ ادارتي تعاون کي وڌيڪ آسان بڻائيندو ۽ باهمي مفاد جي سڀني شعبن ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ برادرانه اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪندو.پاڪستان ۽ سعودي عرب دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ويجهو تعاون برقرار رکندا اچن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ عملدارن وچ ۾ باقاعده رابطا ۽ ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن.ان کان اڳ، 7 آگسٽ تي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي هڪ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، جنهن جو مقصد اجتماعي سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ، دفاعي تعاون وڌائڻ ۽ علائقائي توڙي عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ هو.ان کان علاوه آگسٽ ۾ ئي، ٻنهي ملڪن سعودي عرب ڏانهن پاڪستاني زرعي ۽ خوراڪ جي شين جي برآمدات کي وڌائي 3 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ تي اتفاق ڪيو هو. اهو معاهدو سعودي عرب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزير انجنيئر عبدالرحمان الفضلي جي سربراهي ۾ آيل سعودي وفد جي پاڪستان جي دوري دوران طئي ٿيو هو.ان کان اڳ، جولاءِ ۾ سعودي عرب هڪ سال لاءِ ”ملٽيپل انٽري“ (ڪيترائي ڀيرا اچڻ وڃڻ جي اجازت واري) عمري ويزا متعارف ڪرائي هئي، جنهن تحت زائرين کي هڪ سال دوران ڪيترائي ڀيرا سعودي عرب جو دورو ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي، پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته مجموعي قيام جو مدو وڌ ۾ وڌ 90 ڏينهن هجي.2024 ۾، سعودي عرب پاڪستاني شهرين لاءِ سياحتي ويزا جي شرطن ۾ به نرمي ڪئي ۽ مالي وسيلن جي ثبوت طور اهڙن بئنڪ اسٽيٽمينٽس کي قبول ڪرڻ جي منظوري ڏني جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 750 ڊالرن جي ماهوار ڪريڊٽ (آمدني) ظاهر ٿيل هجي.










