ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪراچي جي اسڪيم 33، ملير ميمن ڳوٺ، منور انڊر پاس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جاري وڏن ترقياتي منصوبن جو تفصيلي دورو ڪري روڊن، پلن، انڊر پاس ۽ ٻين انفرااسٽرڪچر منصوبن تي جاري ڪم جي رفتار ۽ معيار جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊي جي ڪي ڊي اي زين العابدين انصاري ۽ لاڳاپيل عملدارن صوبائي وزير کي مختلف منصوبن تي جاري ڪم، لاڳت، مقرر وقت ۽ تعميراتي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. عملدارن ٻڌايو ته ملير ميمن ڳوٺ ۾ 11.54 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ جي تعمير جاري آهي، جنهن جي تخميني لاڳت 1428 ملين رپيا آهي، منصوبي تي تعميراتي ڪم فيبروري 2026ع ۾ شروع ڪيو ويو هو ۽ ان کي 24 مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، روڊ جي ويڪر 7.3 ميٽر آهي، جڏهن ته منصوبي ۾ 125 ميٽر ڊگهو فلاءِ اوور پڻ شامل آهي، هي روڊ ايڪسپريس وي کان ملير ريور روڊ ذريعي تعمير ڪيو پيو وڃي، جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان ملير ميمن ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن کي مک شاهراهن سان بهتر رابطي جي سهولت حاصل ٿيندي. صوبائي وزير کي اسڪيم 33 ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته چار وڏن روڊن جي تعمير جاري آهي، جڏهن ته مجموعي طور 24 ڪلوميٽر ڊگهي ٻن طرفن واري روڊ جي تعمير واري منصوبي جي تخميني لاڳت 1987 ملين رپيا آهي ۽ منصوبي جو تقريبن 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته منصوبي کي مقرر وقت کان اڳ مڪمل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. عملدارن موجب اسڪيم 33 ۾ تعمير هيٺ روڊن جو نيٽ ورڪ ايم نائن موٽر وي ۽ سپر هاءِ وي سان رابطي کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو، جڏهن ته مهراڻ روڊ کان لنڪ روڊ تائين تعمير ٿيندڙ روڊ جي ويڪر 10 ميٽر آهي، ان کان علاوه مدراس روڊ، رومي روڊ ۽ سچل سرمست روڊ کان لنڪ روڊ تائين روڊ جي تعمير پڻ جاري آهي. انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان اسڪيم 33 ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهندڙ شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ٿينديون ۽ مک شاهراهن تائين پهچ ۾ آساني پيدا ٿيندي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٿدو نالي وٽ روڊ جي تعمير سان گڏ پل پڻ تعمير ڪئي پئي وڃي، جنهن سان علائقي ۾ آمدرفت جا مسئلا گهٽ ڪرڻ ۽ ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. سيد ناصر حسين شاهه منور انڊر پاس جو پڻ دورو ڪيو ۽ اتي جاري ترقياتي ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو، لاڳاپيل عملدارن صوبائي وزير کي انڊر پاس جي تعميراتي مرحلن، جاري ڪم ۽ ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. صوبائي وزير منصوبي جي مختلف حصن جو معائنو ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم مقرر معيار موجب تيز رفتاري سان مڪمل ڪيو وڃي، جيئن شهرين کي آمدرفت ۾ سهولت ملي ۽ اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. مڪاني حڪومت واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سمورن منصوبن جو موقعي تي جائزو وٺندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي، منصوبن کي مقرر وقت کان اڳ مڪمل ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ تعميراتي معيار تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪيو وڃي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي ترقياتي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان گڏ انهن جي معيار تي پڻ خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، مختلف منصوبن جو مسلسل موقعي تي جائزو وٺڻ جو مقصد ڪم جي رفتار ۽ معيار جي سڌي ريت نگراني ڪرڻ آهي، ڪوشش آهي ته جيڪي منصوبا مقرر وقت کان اڳ مڪمل ٿي سگهن ٿا، انهن کي جلد مڪمل ڪري شهرين کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ننڍن وڏن ڪيترن ئي روڊن جي تعمير ۽ بحالي تي ڪم جاري آهي، سنڌ حڪومت ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊز فراهم ڪيا آهن، جڏهن ته ايف ڊبليو او سميت لاڳاپيل ادارن کي ڪراچي جي اهم منصوبن جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن ۽ حڪومت جي خواهش آهي ته انهن منصوبن جا فائدا جلد عوام تائين پهچن. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جي روڊ انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، نون روڊن، پلن ۽ انڊر پاسن جي تعمير سان گڏ مختلف علائقن کي ايم نائن موٽر وي، سپر هاءِ وي ۽ ٻين اهم شاهراهن سان ڳنڍيو پيو وڃي، جيئن وڌندڙ آبادي ۽ ٽريفڪ جي دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن.p ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو ترقي ۽ تعمير جو واضح ويزن آهي ۽ سنڌ حڪومت ان ئي ويزن تحت عوامي ڀلائي ۽ شهري انفرااسٽرڪچر جي بهتري وارن منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته مڪاني ادارن کي يونين ڪائونسل کان ٽائون سطح تائين وڌيڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ حڪومت چاهي ٿي ته مڪاني نظام عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. مڪاني چونڊن بابت سوال تي ناصر حسين شاهه چيو ته مڪاني چونڊن جو انعقاد اليڪشن ڪميشن جي دائري اختيار ۾ آهي، سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته مڪاني چونڊن ۾ غير ضروري دير نه ڪئي وڃي. پيٽروليم ليوي بابت سوال تي صوبائي وزير چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري پڻ پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري چڪو آهي، پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سبب عوام کي رليف ۽ سهولت ملڻ گهرجي. سياسي معاملن بابت ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته تشدد ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، سياسي اختلافن کي جمهوري ۽ پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي، سياسي پارٽين کي عوامي مسئلن ۽ شهرين کي درپيش ڏکيائين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صوبائي وزير لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته جاري ترقياتي منصوبن جي روزاني بنيادن تي نگراني ڪئي وڃي، تعميراتي ڪم ۾ معيار ۽ رفتار ٻنهي کي برقرار رکيو وڃي ۽ شهرين کي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ لاءِ غير ضروري انتظار نه ڪرڻو پوي، سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪري شهر جي مختلف علائقن ۾ بهتر روڊ نيٽ ورڪ ۽ بنيادي شهري سهولتون فراهم ڪيون وڃن.










