ٽنڊو آدم (ن س )ٽنڊو آدم ۾ جمعي جي نماز لاءِ پنهنجي پيءُ سان گڏ آيل پنجن سالن جي ٻارڙيءَ سان زيادتي ڪرڻ بعد کيس قتل ڪيو ويو.سانگهڙ جي ايس ايس پي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار ٻارڙيءَ سان زيادتي ۽ قتل جو اعتراف ڪري ورتو آهي.پوليس موجب، ٻارڙي جي وات ۾ ڪاغذ ڀرڻ سبب سندس موت واقع ٿيو؛ جوابدار فرار ٿيڻ کان اڳ سندس لاش هڪ مدرسي جي دروازي ويجهو اڇلائي ڇڏيو هو.پوليس مطابق، ٻارڙي پنهنجي پيءُ سان گڏ جمعي جي نماز لاءِ آئي هئي جڏهن هوءَ اوچتو گم ٿي وئي.










