ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو ته ڪڏهن به اهو دعويٰ نه ڪئي وئي آهي ته ڪراچي ۾ ڏوهن جي شرح صفر تائين گهٽجي وئي آهي.ان معاملي تي ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته جنوري کان آگسٽ جي عرصي دوران ڪراچي ۾ ڏوهن جي شرح ۾ گهٽتائي آئي هئي ۽ حڪومت ڏوهن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهي آهي.سعديه جاويد سيپٽمبر جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڏوهن ۾ معمولي واڌ جو اعتراف ڪندي چيو ته ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان پوليس طرفان ڪجهه غفلت برتي وئي آهي.سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪلفٽن ۾ بينڪ ٻاهران هڪ شهري کي ڦر ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.هن وڌيڪ ڄاڻ ڏني ته سنڌ جي گهرو وزير ڏوهن جي روڪٿام بابت غور ڪرڻ لاءِ پوليس آفيسرن جو اجلاس طلب ڪيو آهي.










