ڄاڃين جي گاڏي سان حادثو، ٻارڙن سميت 15 ڄڻا فوت، 25 زخمي

قبوسعيدخان (خادم حسين جاگيراڻي) خضدار مان شڪاپور جي ڳوٺ دڙي ڏانھن ويندڙ  بروھي برادري جي ڄاڃين جي مزدا جو ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب بلوچستان جي علائقي باريجه ويجھو  خوفناڪ حادثو پيش آيو آهي جنهن ۾ هڪ ٻار سميت 15 ڄڻا فوت ۽ 25 زخمي ٿي چڪا آهن. اطلاع تي امدادي ٽيمون پهچي لاشن ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. واضح رهي ته ڄاڃي بلوچستان جي علائقي لس ٻيلا مان شاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ بعد واپس شڪارپور وڃي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو