ڪشمير اسان لاءِ پاڪستان جي حيثيت رکي ٿو؛ تُرڪ صدر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ترڪ صدر رجب طيب اردوان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪشمير تي هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان جي حمايت ڪندي چيو آهي ته اسان لاءِ ڪشمير جي حيثيت اها ئي آهي جيڪا چناق قلعي لاءِ هئي. اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر ۽ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ 2 ڏينهن جي دوري تي آيل ترڪ صدر رجب طيب اردوان خطاب ڪيو. گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر چيو ته پاڪستان جي عوام جي خدمت ۾ سلام محبت پيش ڪيان ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت کي گڏ ٿيڻ تي الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي سرڪاري دوري ۾ توهان کي خطاب ڪرڻ سان دلي خوشي ٿي آهي ان گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ جو موقعو ملڻ تي وڌيڪ شڪرگذار آهيان. ترڪ صدر چيو ته منهنجو اسلام آباد ۾ قدم رکڻ سان ئي جنهن طريقي سان پاڪستان جي عوام خوشي ۽ محبت سان استقبال ڪيو مان ان تي پاڪستان جي اعليٰ اتنظاميه جو دل سان شڪرگذار آهيان ۽ مان ڪڏهن به پاڪستان ۾ پاڻ کي اجنبي محسوس ناهي ڪيو. رجب طيب اردوان جو چوڻ هو ته اڄ پاڪستان ۽ ترڪي جا تعلقات مضبوط آهن سلطنت مغليه جي باني ظهير الدين بابر موجوده پاڪستان سميت سڄي خطي تي تقريبن 350 سال حڪومت قائم رکي ۽ اسان جي گڏيل تاريخ تي اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن. هن چيو ته 1915 ۾ جڏهن ترڪ فوج چناق قلعي جو دفاع ڪري رهي هئي ان محاذ سان 6 هزار ڪلوميٽر پري هن سرزمين تي مظاهرا ۽ ريليون اسان جي تاريخ جي ناقابل فراموش صحفن تي درج ٿيل آهن. پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته لاهور ۾ ٿيندڙ ان تاريخي جلسن جو مرڪز نگاهه چناق قلعو ئي هيو ان جلسن جو انتظام ڪندڙ دراصل چناق قلعي ۾ رهندڙ ترڪ فوجين ۽ ترڪ قوم جي امداد جي مقصد لاءِ ٿيا. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وچ اوڀر بابت منصوبو امن نه پر قبضي جو منصوبو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو