سکر (ن س )سنڌ هاءِ ڪورٽ عورت فهميده پتافي کي بازياب نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو. فهميده پتافي جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي جسٽس تسنيم سلطانه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت عورت کي اڃا تائين بازياب نه ڪرائڻ تي ڊي آءِ جي سکر ناصر آفتاب پٺاڻ جي ڇنڊ پٽيندي پوليس جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت پوليس کان پڇاڻو ڪندي چيو ته عورت کي اڃا تائين بازياب ڇو نه ڪرايو ويو آهي؟ عدالت ڪيس ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي. عدالت آءِ جي سنڌ کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي فهميده پتافي جي جلد کان جلد بازيابي لاءِ پوليس کي اثرائتا قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.










