ايس ايس پي سميت اڳوڻو اسسٽنٽ اٽارني جنرل گم، ڳولا جاري

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور ۾ سنيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس ايس ايس پي مفخر عديل ۽ اڳوڻو اسسٽنٽ اٽارني جنرل شهباز تتلا گذريل 2 ڏينهن کان گم آهن جن جي تلاش لاءِ تحقيقات جاري آهي. پوليس مطابق ايس ايس پي مفخر عديل جو دوست ۽ اڳوڻو اسسٽنٽ اٽارني جنرل شهباز تتلا 7 فيبروري تي مبينا طور اغوا ٿيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته 2 ڏينهن اڳ سي آءِ اي ماڊل ٽائون شهباز تتلا جي ويجهي دوست ايس ايس پي مفخر عديل جي پڇا ڳاڇا لاءِ گهرايو هو پر هو اتي نه پهتو پر ان جي گاڏي جوهر ٽائون کان ملي آهي. ايس ايس پي مفخر عديل جي گهرڀاتين پوليس کي ڪا به درخواست نه ڏني آهي جڏهن ته شهباز تتلا جي اغوا جي ايف آءِ آر ان جي ڀاءُ طرفان نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪرائي وئي آهي. ذريعن مطابق ٻنهي جي بازيابي لاءِ تفتيش جاري آهي ۽ مفخر عديل جي ڊيٽا حاصل ڪئي پئي وڃي پر هن مهل تائين ڪو به سراغ ناهي ملي سگهيو ۽ ٻنهي جا موبائل بند آهن. پوليس مطابق ايس ايس پي مفخر عديل ۽ شهباز تتلا ڪجهه مهينا اڳ فيصل ٽائون ۾ ڪرائي جي جڳهه ورتي هئي جتي ان جا دوست به گڏ ٿيندا هيا اتان به شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو