ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ دفاع واري وزير خواجه آصف جي بيان کي مايوس ڪندڙ قرار ڏنو آهي. هڪ بيان ۾، سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وفاقي حڪومت کي وضاحت ڪرڻ گهرجي ته خواجه آصف جو بيان حڪومتي پاليسي آهي يا سندس ذاتي راءِ؟ وفاقي وزيرن جي بيان بازي صوبي خلاف سياسي جارحيت جي برابر آهي. هن چيو ته خواجه آصف کي سنڌ ۽ پيپلز پارٽي تي بيان بازي ڪرڻ کان اڳ تاريخ، آئين ۽ پارلياماني رڪارڊ جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي جو موقف ٻه طرفو نه پر واضح، اصولي ۽ آئيني آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنجاب اسيمبلي ٻه ڀيرا سرائيڪي صوبي جي حق ۾ ٺهراء پاس ڪري چڪي آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي سنڌ اندر وڌيڪ صوبا ٺاهڻ خلاف اٺ ڀيرا ٺهراء پاس ڪري چڪي آهي. مسلم ليگ (ن) کي پنهنجن اتحادين کي خوش ڪرڻ گهرجي، پر سنڌ کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه وفاق کي مضبوط ڪرڻ، آئين کي برقرار رکڻ ۽ جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ڪيو آهي، پيپلز پارٽي پاڪستان جي وفاق ۽ جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.










