ايم ڪيو ايم پنهنجي موقف تي قائم آهي: مصطفيٰ ڪمال

ايم ڪيو ايم پنهنجي موقف تي قائم آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير صحت سيد مصطفيٰ ڪمال پاڪستان جي پهرين انٽرنيشنل ٽريولرز ويڪسينيشن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو.جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي جي وفاقي گورنمنٽ ڊسپينسري ۾ قائم ٽريولرز ويڪسينيشن سينٽر ۾ عالمي مسافرن کي ويڪسينيشن جي سهوليت ملندي.افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سيد مصطفيٰ ڪمال چي ته مينجاٽيس جي ويڪسين جو سرٽيفڪيٽ ٽريولر وٽ هجڻ گهرجي، حج ۽ عمري تي ويندڙن لاءِ اهو سرٽيفڪيٽ ريڪوائرڊ آهي.وفاقي وزير صحت چيو ته پاڪستان جا سمورا سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ميڊيڪل رڪارڊ نمبر بڻجي ويندا. ويڪسين جي سموري فيس آن لائن هوندي. سموري ملڪ جي ايئرپورٽز کي جوڙينداسين.سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته صوبو چئو يا انتظامي يونٽ ايم ڪيو ايم پنهنجي موقف تي قائم آهي، سنڌ ۾ 18 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي. ڪراچي کان ڪشمور تائين 80 سيڪڙو ماڻهن وٽ پيئڻ جو صاف پاڻي نه آهي.هن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف ٽئين عالمي جنگ کي روڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته ٻئي طرف ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب ٻار مري رهيا آهن ڀٽو جي ٺاهيل 1973ع جي آئين ۾ نون صوبن جي گنجائش موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو