شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي جي شڪارپور آمد، پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. تفصيل موجب وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي شڪارپور پهچي ويو، جتي شڪارپور جي لکي در چوڪ تي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي مقامي اڳواڻن، عهديدارن ۽ ڪارڪنن پاران سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعليٰ جي آمد تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران زوردار نعريبازي ڪئي وئي ۽ پارٽي قيادت جي حق ۾ نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي ڪارڪنن ۾ جوش ۽ جذبو نظر آيو، جڏهن ته مقامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعليٰ سهيل آفريدي شڪارپور ۾ مختصر قيام کانپوءِ تعلقي ڳڙهي ياسين روانو ٿيو، جتي ڪارڪنن پاران سندس خطاب جي اميد ڪئي پئي وئي، تنهن هوندي به هن ڳڙهي ياسين ۾ ڪارڪنن کي خطاب نه ڪيو. بعد ۾ وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي مختصر قيام کانپوءِ بنا خطاب جي ڳڙهي ياسين مان شهدادڪوٽ روانو ٿي ويو. ان دوران وزيراعليٰ ڪارڪنن پاران لڳايل نعرن جو جواب ڏيندي سندن آجيان ۽ حوصلا افزائي ڪئي.










